ايم ڪيو ايم هر معاملي ۾ لسانيت کي کڻي ايندي آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هر معاملي ۾ لسانيت کي کڻي ايندي آهي. اھو انھن جي سياست جو بنياد رھيو آھي ته نفرتن کي ھٿي وٺرائي پنھنجي سياست چمڪائيندا رھيا آھن ۽ ڪراچي شھر جي ترقي جي راھ ۾ ھميشه رڪاوٽ بڻيل رھيا . اطلاعات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاھ کين ھڪ ڀيرو ٻيھر مشورو ڏيندي چيو آھي ته جڏهن ھنن پنهنجي قائد سان تعلق ختم ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ ان جي سوچ کان به عليحدگي اختيار ڪن. حد دخليون ۽ غير قانوني اڏاوتون ڪرائي روشنين جي شهر جو ٻيڙو ٻوڙڻ واري ته ايم ڪيو ايم  آهي، هاڻي روز اچي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙين ٿا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي جي با شعور عوام هاڻي توهان کي سڃاڻي ورتو آهي. ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي نالي تي  پنهنجا کيسا ڀرڻ وارن کي عوام رد ڪري چڪي آهي ،اين اي  249 جي تڪ تي سندن  اميدوار ڇهين نمبر تي آيو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته آدم شماري تي پيپلزپارٽي جو پهرين ڏينهن کان واضح موقف رھيو آهي ته ان معاملي۾ سنڌ سان زيادتي ٿي آهي. سنڌ جي وڏي وزير آدم شماري جو معاملو هر آئيني فورم تي اٿاريو آهي جڏهن ته  ايم ڪيو ايم ٻن وزارتن جا مزا ماڻڻ لاءِ آدم شماري معاملي تي پي ٽي آئي سان سودو ڪري ڇڏيو آھي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جو ايترو اونهو آهي ته وفاقي وزارتن تان استعيفائون ڏئي ان جو ثبوت ڏئي . هن چيو ته ڪراچي پر امن شهر بڻجي چڪو آهي ان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين. هتي هاڻي سموريون قومون هڪ ٻئي سان گڏجي ڪري امن سان رهن پيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *