ايم ڪيو ايم نائن زيرو تان مليل هٿيارن ۽ گرفتار دهشتگردن بابت وضاحت پيش ڪري: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته وفاقي سرڪار کي بنا ڪنهن ڪپرومائيز جي دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ گهرجن، ايم ڪيو نائين زيرو تان مليل هٿيارن ۽ گرفتار دهشتگردن بابت وضاحت پيش ڪري. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اياز لطيف پليجو جو چوڻ  هو ته عالمي قووتون ملڪ کي غير مستحق ڪرڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته دهشتگرد ڪنهن به پارٽي جا هجن، انهن خلاف بنا ڪنهن فرڪ جي ڪارروائي جاري رهنڻ گهرجن، وفاقي سرڪار کي بنا ڪنهن  ڪمپرو مائيز جيِ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ گهرجن. اياز لطيف پليجو چيو ته ايم ڪيو ايم نائين زيرو تان مليل هٿيارن ۽ گرفتار دهشتگردن بابت وضاهت پيش ڪري ۽ عوام کان معافي وٺي. اياز لطيف پليجو چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ملوث 2 جوابدار برطانيا حوالي ڪيا وڃن، سانحي بلديا جيان، 12 مئي، 22 مئي، 9 اپريل، 10 محرم، نشترپارڪ واقعن جي به جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *