ايم ڪيو ايم ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن تيار ٿي ويو هو، متحده جي ڪائي اڳواٽ شرط ناهي مڃي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (اين اين آءِ) ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري جي نوٽيفڪيشن تيار ٿي ويو هو ايم ڪيو ايم جي ڪائي اڳواٽ شرط ناهي مڃي ڪراچي آپريشن تي ڪائي سوديبازي نه ٿيندي 40 ارب رپين جا نوان ٽيڪس اميرن کان اڳاڙينداسين آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻيون پونديون هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڊالر جو ملهه ڪرڻ وارو آهي 40 ارب رپين جا نوان ٽيڪس اميرن کان وصول ڪنداسين وفاقي ناڻي وزير اسحاق ڊار تصديق ڪئي ته ايم ڪيو ايم جي استعفائن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن تيار ٿي ويو هو پر مان وچ ۾ لهي حالتن کي سنڀاليو ڳالهين ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪائي اڳواٽ شرط ناهي مڃي ڪراچي ۾ ٿيندڙ رينجرز اپريشن تي ڪائي سوديبازي نه ٿيندي اسحاق ڊار ٽيڪس پاليسي واضح ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻيون پوندو 40 ارب ارب رپين جا نوان ٽيڪس ايندڙ مهيني کان لڳندا جيڪي اميرن کان وصول ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *