ايم ڪيو ايم مذهب کي سياست مقصدن لاءِ استعمال نه ڪري: پ پ اڳواڻ

اسلام آباد(بيورو) پيپلزپارٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪري، کين نون صوبن جي ڳالهه آئيني طريقي سان ڪرڻ گهرجي،لنڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو ان سان پيپلزپارٽي جي ورڪرن جو صبر ختم ٿي سگهي ٿو جنهن کي ڪير به روڪي نه سگهندو، پيپلزپارٽي گذريل 5 سالن جي حڪومتي دور ۾ گهڻو ڪجهه برداشت ڪري رواداري ۽ برداشت جو مثال قائم ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم معاملي کي اٿاري اهڙو رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن سان ماڻهن ۾ نفرت پئدا ٿئي، وزيراعظم نواز شريف به مهاجر آهي پر هن پاڻ کي ڪڏهن به مهاجر ناهي سڏايو. سومر شام جو پيپلزپارٽي جي سينٽرل سيڪريٽريٽ ۾ ميان رضا رباني، قمر الزمان ڪائره ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر چوڌري اعتزاز احسن چيو ته اسان کي ايم ڪيو ايم مان ڪا به شڪايت ناهي ڇو ته گذريل دور ۾ اها اسان سان گڏ رهي ۽ انهيءَ عرصي دوران ڪئين معاملن تي اختلاف رهيا ۽ آهن پر هن وقت ايم ڪيو ايم سياست کي مذهب جو رنگ ڏئي معاملا پئدا ڪري رهي آهي ۽ ڪالهه به ان معاملن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهي خورشيد شاهه کي حدف بڻائي تنقيد جو نشانو بنائيندا رهيا، انهن ۾ گهٽ ماڻهو آهن جيڪي گهٽ ذهن رکندڙ آهن جيڪي ان قسم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اسان مڪي پاڪ کان مديني شريف هجرت ڪندڙ مهاجرن جا غلام آهيون خورشيد شاهه جو ان ئي خاندان سان تعلق آهي سيدن جي مسلمان عزت ۽ احترام ڪندا آهن ڇو ته ان جي نسبت نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم سان آهي، مهاجرن کي ان جي نسبت نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي هندستان مان هجرت ڪري آيلن سان وڏي همدردي آهي ۽ انهن جون پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ۽ خدمتون آهن اسان جو خيال هو ته ايم ڪيو ايم وارا مذهب کي سياست کي وچ ۾ نه آڻيندا، الطاف ڀائي کي اپيل ڪيان ٿو ته هو ائين نه ڪري جنهنجي ذميواري مٿس اچي، الطاف جي نون صوبن جي ٺاهڻ واري ڳالهه پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي پر کيس ان معاملي تي آئيني رستو اختيار ڪرڻ گهرجي نڪي هڙتال ۽ بيان بازي جو. چوڌري اعتزاز اهو به چيو ته ايم ڪيو ايم سيد خورشيد شاهه جي بيان کي کڻي عوام کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.هن چيو ته لنڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير ۾ هنگامي جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هڪ ننڍي گروپ اها سازش ڪئي آهي پر پارٽي جي چيئرمين سان اهڙي رويي سبب پيپلزپارٽي جي ورڪرن جو صبر ختم ٿي سگهي ٿو جنهن کي ڪير به روڪي نه سگهندو. هندستان مان هجرت ڪري پنجاب ۾ آيل پاڻ کي مهاجر نه سڏائڻ ۽ سنڌ ۾ هجرت ڪري ايندڙ پاڻ کي مهاجر سڏائڻ واري سوال جو جواب ڏيندي چوڌري اعتزاز احسن چيو ته اسان ڪنهنجي ذات ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون، وزيراعظم نواز شريف پاڻ به مهاجر آهي پر هن ڪڏهن به پاڻ کي مهاجر ناهي سڏاريو. هن چيو تههي وقت تلخي جو نه پر نرمي سان ڳالهائڻ جو آهي. چوڌري اعتزاز چيو ته جيڪڏهن گجراتي زبان کي بازاري زبان چيو ته بازار جي توهين هوندي پر گجرات جي جلسي ۾ بازاري زبان استعمال ڪئي وئي، پيپلزپارٽي کي بازاري زبان سان گڏ ڀت سان نه لڳايو وڃي ۽ آئينده ان قسم جي زبان استعمال نه ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *