ايم ڪيو ايم مارش لا جو مطالبو ڪري ڇڏيو، آرمي چيف 2 سال ملڪ جو واڳون سنڀالي: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لاله قلعه گرائونڊ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ فوجي عدالتون بڻائڻ تي بحث ٿي رهيو آهي. غير جمهوي رستو اختيار ڪرڻو آهي ته بهتر ته پاڪستان ۾ مارشل لا جو اعلان ڪيو وڃي. ملڪ ۾ پهريان ئي 100 ڀيرا مارشل لا لڳي چڪي آهي هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر لڳائي وڃي. الطاف حسين چيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف 2 سالن لاءِ پاڪستان جون واڳون سنڀالي. ملڪ ۾ اهڙي مارشل لا لڳائي جيڪڏهن مون به چوري ڪئي هجي ته هڪ هڪ پائي وصول ڪري. هن سوال ڪيو ته پاڪستان ۾ اهڙي ڪا پارٽي آهي جنهن پاڪستان کي نه ڦريو هجي؟ ايم ڪيو ايم جي سربراهه جو چوڻ هو ته دنيا ۾ جيترا به انقلاب آيا انهن ۾ فوجي جي آفيسرن ۽ سپاهين جو وڏو هٿ رهيو آهي. جيستائين سڄي قوم فوج جو ساٿ نه ڏيندي اُن وقت تائين پاڪستان کي دهشتگردي کان نٿو بچائي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *