ايم ڪيو ايم طرفان ڪارڪنن جي قتل جو الزام سنڌ حڪومت تي مڙهڻ مذمت جوڳو عمل آهي،: تاج حيدر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ايم ڪيو ايم پاران ڪارڪنن جي قتل جو الزام سنڌ حڪومت تي مڙهڻ ۽ ان کي ناڪام قرار ڏيڻ جي مذمت ڪندي ايم ڪيو ايم کي ياد ڏياريو آهي ته آمريت جي دور ۾ جڏهن سنڌ جي گهرو وزارت ايم ڪيو ايم وٽ هئي ته ڪراچي جي رستن تي 12 مئي تي 50 کان وڌيڪ مخالف جماعت جي ڪارڪنن جي خون سان هولي کيڏي وئي هئي جنهن جا داغ اڄ تائين ايم ڪيو ايم پنهنجي دامن تان صاف نه ڪري سگهي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ شڪار پي پي پي رهي آهي، رڳو ڪراچي ۾ ئي پي پي پي جي 650 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سڄو ملڪ دهشتگردي جي سخت لپيٽ ۾ آهي ۽ دهشتگرد مسلسل حملا ڪري رهيا آهن ته ڇا ٻين صوبن ۾ ٿيندڙ قتلن تي ايم ڪيو ايم کي ٻين صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي حڪومت جي ناڪامي به نظر آئي يا نه. هن چيو ته ملڪ کي هن وقت سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي نه پر مثبت ۽ تعميري سياست جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي سگهجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ سان ايم ڪيو ايم کي ڪو به فائدو نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *