ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي مان به استعيفائون واپس وٺي ڇڏيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم،قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي مان به استعيفائون واپس وٺي ڇڏيون آهن. سيد سردار احمد، خواجه اظهار، هير سوهو ۽ سليم ٻنڌاڻي سميت متحده جي 40 کان وڌيڪ ايم پي ايز سنڌ اسيمبلي پهتا. متحده جي ميمبرن ان موقعي تي استعيفائن جي واپسي لاءِ درخواستون اسپيڪر آغا سراج دراني وٽ جمع ڪرايون. سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي 51 ميمبرن اڍائي مهينا اڳ استعيفائون ڏنيون هيون. استعيفائون ملڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته متحده ايم پي ايز جي درخواستن تي قانون موجب اڳڀرائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ آغا سراج دراني انڪشاف ڪيو ته مڪاني چونڊن دوران شڪارپور جي ڊپٽي ڪمشنر،آر او ۽ ڊي آر اوز سندس خلاف ڪم ڪري رهيا پر عوام پ پ جي اميدوارن تي اعتماد جو اظهار ڪري کين ڪامياب ڪرايو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جو وڌيڪ چوڻ هو ته درازا سانحي جي جاچ ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *