ايم ڪيو ايم سربراهه پاران ڀيرو وري پارٽي قيادت ڇڏڻ جو فيصلو، اسيمبلين ۾ مهاجرن جو مذاق اڏايو پيو وڃي: الطاف حسين

لنڊن(م.ڊ) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين هڪ ڀيرو وري پارٽي قيادت ڇڏڻ جو اصولي فيصلو  ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته اسيمبلي ۾ قربانيون ڏيندڙ مهاجرن جو مذاق اڏايو پئي ويو ته سمورو ايوان خاموش تماشائي بڻيل رهيو، ڪارڪنن پڻ مايوس ڪيو، هو هاڻي پارٽي قيادت نه سنڀاليندو.لنڊن ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته خواجه آصف چيو ته اصل مهاجر اهي آهن، جيڪي جالنڌر ۽ لڌيانيا مان هجرت ڪري آيا.هن چيو ته اهو چئي وفاقي وزير ٻين جي ڏنل قربانين تي پاڻي هاري ڇڏيو، سندس بيان تي اسيمبلي پڻ خاموش تماشائي بڻيل رهي.الطاف حسين چيو ته مهاجرن جو مذاق اڏايو ويو پر ڪنهن به آواز نه اٿاريو، ڪارڪنن به کي مايوس ڪيو آهي.متحدا سربراهه چيو ته ورهاڱي وقت 20 لک ماڻهن هجرت ڪئي هئي، جيڪي يوپي، سي پي، بهار، حيدر آباد دڪن، علي ڳڙهه، لکنئو ۽ آگرا مان آيا هئا.سندس چوڻ هو ته ڪجهه چور پنجاب جي لڌيانيا واري علائقي مان به آيا هئا، جن پاڻ کي خواجه سڏرايو.ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين چيو ته هاڻ برداشت کان ٻاهر آهي، هو ڪڏهن به پارٽي قيادت نه سنڀاليندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *