ايم ڪيو ايم خلاف الزامن جي جاچ لاءِ ايف آئي اي سرفراز مرچنٽ کي 15 مارچ تي گهرائي ورتو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي جاچ اداري ايف آئي اي سرفراز مرچنٽ کي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ 15 مارچ تي صبح جو ڏهين وڳي گهرائي ورتو آهي، ايف آئي اي جي ذريعن مطابق سرفراز مرچنٽ کي سيڪشن 160 مطابق پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، واضح هجي ته سرفراز مرچنٽ پاران ايم ڪيو ايم تي سنگين الزام هنيا ويا هئا، جن جي جاچ لاءِ وفاقي گهرو وزير ايف آئي اي جي ڪميٽي جوڙي هئي، اها ڪميٽي سرفراز مرچنٽ کان سندس الزامن جر روشني ۾ مني لانڊرنگ، هٿيارن جي غيرقانوني خريداري ۽ ڀارتي ڳجهي اداري را پاران ايم ڪيو ايم کي فنڊ ڏيڻ جي حوالي سان الزامن جي جاچ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *