ايم ڪيو ايم جي وفد جي وزيراعظم سان ملاقات، مهاجر صوبو ٺاهڻ لاءِ حمايت گهري ورتي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته سياسي جماعتن کي پنهنجا اختلاف بحث سان ئي ختم ڪرڻ گهرجن سنڌ جي ترقي لاءِ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ڪم ڪن اڱاري تي هتي ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقيجي سربراهي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار نسرين جليل ۽ عبدالرشيد گوڊيل تي ٻڌل متحده قومي موومينٽ جي چار رڪني وفد وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي پرويز رشيد ۽ خواجه سعد رفيق به موجود هئا ملاقات ۾ ملڪ ۾ امن امان خاص ڪري ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪراچي سميت سنڌ جي شهري علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي صورتحال پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڪراچي جا ترقياتي منصوبا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ٿيندا سنڌ جي ترقي لاءِ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ڪم ڪن ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلا.ئي لاءِ اتفاق راءِ جمهوريت جو حسن آهي آئين سمورين جمهوري قوتن کي مناسب پليٽ فارم تي بحث ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿو سياسي پارٽين کي پنهنجي اختلاف ڳالهه ٻولهه سان ئي ختم رڪڻ گهرجن گذريل ڪجهه مهينن دوران ملڪ ۾ جمهوريت جو بهترين مثال ڏسڻ ۾ آيو جمهوري قوتن ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي لاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪيو وزيراعظم ڪراچي جا اهم ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ خواجه سعد رفيق ڊاڪٽر فاروق ستار آصف ڪرماني ۽ سينيئر بيورو ڪريٽس تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي هڪ خانگي ٽي وي رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم مهاجر صوبو قائم ڪرڻ تي (ن) ليگ کان حمايت جو مطالبو ڪيو وفد جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ مهاجر صوبي لاءِ جمع قرارداد جي (ن) ليگ حمايت ڪري جواب ۾ وزيراعظم نوازشريف چيو ته نون صوبن جي ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ طريقو موجود آهي مسلم ليگ (ن) ليگ ملڪ ۾ انتظامي بينادن تي نوان صوبا ٺاهڻ جي حامي آهي وزيراعظم نوازشريف چيو ته مهاجر صوبي جي معاملي تي حمايت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو پارٽي سان مشاورت کان پوءِ ڪيو ويندو ذريعن موجب متحده جي وفد ملاقات ۾ ڪراچي آپريشن تي تحفظات کان وزيراعظم نوازشريف کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي آپريشن جي حامي آهي جڏهن ته نشانو به بڻجي رهي آهي. حڪومتي ذريعن موجب ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت جي شڪايت ڪندي چيو ته هو عوام جون محروميون ختم ڪرڻ تي ڪوئي ڌيان نه پئي ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *