ايم ڪيو ايم جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ شٽربند هڙتال، ٽرانسپورٽ روڊن تان غائب

ڪراچي (نمائندن وٽان) ايم ڪيو ايم جي سڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال  رهي، رابطا ڪميٽي شام چئين وڳي کان ڪاروبار کولڻ جي اپيل ڪري ڇڏي .ايم ڪيو ايم پاران سندن ڪارڪن سهيل احمد جو لاش ملڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو ويو، جڏهن ته  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال رهي، ڪراچي ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا، ۽ ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ رهي جنهن سبب شهري سخت ڏکيائن کي منهن ڏنو، ايم ڪيو ايم جي سوڳ واري سڏ تي ڪراچي يونيورسٽي، لياري، وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ رٿيل پيپرز ملتوي ڪيا ويا .ڪراچي جيان سنڌ جي ٻين شهرن، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الهيار، جهڏو جي مخصوص علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز نه کلي سگهيا، جڏهن ته ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ رهي.ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن سهيل احمد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.الطاف حسين پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهري شام چئين وڳي کانپوءَ معمول واريون سرگرميون شروع ڪن ته جيئن اڄ حيدرآباد يونيورسٽي جي افتتاح جي تياري ڪري سگهجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *