ايم ڪيو ايم جي جائز مسئلن جي حل لاءِ تيار آهيون، پر سوديبازي نه ڪنداسين: قائم علي شاهه

مٺي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي جائز مسئلن جي حل لاءِ تيار آهيون پر ان سلسلي ۾ ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته عمران خان غريبن جي ڳالهه ڪڏهن به ناهي ڪئي سندس تقريرن ۾ ته اميرن جو ئي ذڪر ٿيندو آهي، کيس ٿرپارڪر جو نالو به نٿو اچي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي 2 صلاحڪار ۽ هڪ خاص معاون جي استعيفيٰ منظور ڪري رتي آهي، وزيرن جي استعيفيٰ جو اختيار گورنر وٽ آهي. ايم ڪيو ايم پهريون ڀيرو ناهي رُٺي ان کان پهريان به ڪيترائي ڀيرا اهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي ۽ اسين هر ڀيري پرچائيندا آيا آهيون. خورشيد جيڪو ڪجهه به چيو اُن به تي معذرت به ڪئي آهي، سياست ۾ وقت تي دوست دشمن ۽ دشمن دوست بڻجي وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ سمجهان ٿو ته ڳالهيون جو عمل جاري رهڻ گهرجي ايم ڪيو ايم جي جائز مسئلن جي حل لاءِ تيار آهيون پر انهيءَ سلسلي ۾ ڪابه سوديبازنه ڪئي ويندي.  سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ٿر جي 5 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر زمين هندستان کان آزاد ڪرائي، جيڪا اڄ ڪوئلي جهڙو سون ڏئي رهي آهي، سنڌ حڪومت ٿر جي ڏڪار متاثرن جي مدد لاءِ 2.5 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، اڃا به وڌيڪ خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جون 2015ع تائين جيترا به آر او پلانٽ ٿر لاءِ کپندا اوترا لڳائي ڏينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ننگر پارڪر ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ڏڪار آهي پر ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب فوت نه ٿا ٿين. بيماريون پاڻي جي ڪري به پيدا ٿين ٿيون، ماروئڙن جو وڏو مسئلو پيئڻ جو صاف پاڻي آهي، ان کي حل ڪرڻ لاءِ صاف مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ وارا 300 آر او پلانٽ ڊسمبر 2014ع تائين مڪمل ڪيا ويندا، ان کان سواءِ ٿر جي جيتري به ضرورت آهي، آر او پلانٽ اوترا ڏنا ويندا، هن چيو ته ٿر جا مسئلا تمام گهڻا آهن، انهن جي حل لاءِ وقت لڳندو، وڏي وزير چيو ته پ پ پ جو فرض آهي عوام جي خدمت ڪرڻ، پوءِ حڪومت هجي يا نه پر خدمت جاري رهندي، پ پ پ جي حڪومت کان اڳ ٿر جو ڪهڙو حل هو ۽ هاڻي 7 سالن کان پوءِ ڪيترو ڪم ٿر ۾ ٿيو آهي، جيڪو توهان سڀني جي سامهون آهي، پ پ پ جي حڪومت کان اڳ ٻهراڙين ۾ ڪا به اسپتال يا صحت جي سهولت نه هئي، هن وقت ٿر جي سمورن وڏن ڳوٺن ۾ ڊسپينسريون قائم ڪري صحت جون سهولتون ڏنيون آهن، وڏي وزير چيو ته پ پ پ جهڙا اڳواڻ ڪنهن به پارٽي وٽ نه آهن، پ پ پ هميشه عوام ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجي اڳواڻن جون قربانيون ڏنيون آهن، اڄ به پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏڪار هجي يا ٻوڏ هجي اتي متاثر وٽ پهچي ٿو وڃي. اسان جو پارٽي سربراهه ڏکويلن سان گڏ ويهي سندن حال معلوم ڪري ٿو، انهن جي مدد ڪري ٿو، جڏهن ته ٻئي پاسي نئين پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙ ڪنٽينرن وارا ڪنٽينر کان ٻاهر نه ٿا نڪرن، انهن جي خالي زبان تي به ٿر جي ڏڪار متاثر عوام جو نالو به نه ٿو اچي، هن چيو ته رسڻ ۽ پرچڻ سياست جو حصو آهي، سنڌ جي حقن تي سوديبازي نه ٿيندي، متحده وارا ٺهن ته ٺهڻ لاءِ تيار آهيون، ان کان اڳ وڏي وزير تعلقه اسپتال جو دورو ڪري مريضن جي عيادت ڪئي، اتي ڊاڪٽرن جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته جلد ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن، ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته اسپتالن کي اپ گريڊ ڪري وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون، ان کان علاوه تعليم جي بهترين سهولتن لاءِ به وڌيڪ قدم کنيا ويندا، هن چيو ته تعليم کان سواءِ ٿر ۾ ترقي نه ايندي، ان موقعي تي صوبائي وزير علي مردان شاهه، دوست علي راهمون، ايم اين اي فقير شير محمد ٻلالاڻي، ايم پي اي مڪيش ڪمار ملاڻي ۽ مخدوم نعمت الله وڏي وزير سان گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *