ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ڪميٽي عسڪري ونگ کي منظم ڪري ٿي: رينجرز جي دعويٰ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ رينجرز هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن صرف ڏوهارين خلاف ڪيو پيو وڃي، هي آپريشن ڪنهن به سياسي، مذهبي ۽ لساني گروپ خلاف آهي، ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ڪميٽِي عسڪري ونگ کي منظم ڪري ٿي تنهنڪري ان جي سيڪٽر انچارج ۽ يونٽ انچارج کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، گرفتار ٿيلن کي قانوني حق ڏنا پيا وڃن، رينجرز پاران جاري ڪيل پڌرنامي مطابق ڪراچي آپريشن ڏوهارين خلاف ڪيو پيو وڃي، رينجرز پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ڪميٽِي عسڪري ونگ کي منظم ڪري ٿي تنهنڪري ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر ۽ يونٽ انچارج گرفتار ڪيا پيا وڃن، پڌرنامي مطابق ڪجهه ماڻهو پاڻ به گرفتاري ڏئي رهيا آهن.، گرفتار ٿيلن قانوني حق ڏنا پيا وڃن، گرفتاري کانپوءِ جلد کان جلد عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي، پڌر نامي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ امن لاءِ رينجرز ۽ عوام گڏ آهي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته رينجرز جو بيان ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن جو اعتراف آهي، ايم ڪيو ايم کي قومي ڌارا مان ٻاهر ڪڍڻ جا نتيجا خراب نڪرندا، ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي رينجرز جي ترجمان جي بيان تي سخت نوٽيش وٺندي چيف جسٽس آف پاڪستان کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، رابطا ڪميٽي جو چوڻ آهي ته رينجرز ترجمان جو بيان ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته آپريشن صرف ايم ڪيو ايم خلاف ڪيو پيو وڃي، آپريشن جو مقصد ڪراچي مان ڏوهارين جي پاڙ پٽڻ نه پر صرف ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ آهي، رابطا ڪميٽي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته رينجرز ترجمان بيان ذريعي خود اقرار ڪيو آهي ته رينجرز ايم ڪيو ايم جي تنظيمي عهديدارن کي باقائده منصوبي ۽ ٽارگيٽ تحت گرفتار ڪري رهي آهي، رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ ۽ سڌ هاءِ ڪورٽ کي رينجرز جي بيان جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا ايم ڪيو ايم سيڪٽر يا يونٽ عهديدار ٿيڻ پاڪستان جي ڪهڙي قانون جي خلاف ورزي آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي رهيو ته آپريشن جو مقصد ڏوهاري کي ختم نه ڪرڻ پر ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ آهي، رينجرز کي ڏوهارين کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ اکين ۾ مٽي وجهڻ جي برابر آهي، رابطا ڪميٽي چيو ته رينجرز جنهن تنظيمي ڪميٽي جو ذڪر ڪري رهي آهي ان جو ڪو به وجود نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *