ايم ڪيو ايم جي برطانيا ۾ پراپرٽي ڪمپني ۾ ڀارتي شهرين پاران لکين پائونڊ جمع ڪرائڻ جو انڪشاف

لنڊن (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي برطانيا ۾ پراپرٽي ڪمپني ۾ ڀارتي شهرين پاران لکين پائونڊ جمع ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته ڪمپني جو هڪ ڊائريڪٽر به ڀارتي آهي ميڊيا رپورٽ مطابق الطاف حسين جي نه صرف برطانيا پر ڪينيڊا ۾ به پراپرٽي فرم رجسٽرڊ آهي يورو پراپرٽي ڊيولپمينٽ لميٽيڊ يورو ڊيولپمينٽ ۽ يورو پراپرٽي ڪينيڊا نالي سان قائم ڪمپنين جي اڪائونٽس ۾ ٽن ڀارتي شهرين هڪ ملين پائونڊ کان وڌيڪ رقم 2012 ۽ 2013 ۾ جمع ڪرائي انهن اڪائونٽس ۽ رقم جمع ڪرائڻ جي تفصيل جو علم اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ ٿيو اڪائونٽس ۽ رقم منتقل ڪرڻ جا ثبوت به اسڪاٽ لينڊ يارڊ وٽ موجود آهن انهن ڪمپنين جي ملڪيت الطاف حسين جي نالي تي ئي آهي الطاف حسين 25 جون 2006 تي يورو پراپرٽي ڪمپني جو ڊائريڪٽر ٿيو ان جي هڪ ڏينهن کان پوءِ سندس ويجهو ساٿي محمد انور کي به ڊائريڪٽر ڪري ويهاريو ويو مني لانڊرنگ جو ڪيس ٺهڻ تائين ٻئي ليڊر هن ڪمپني جا ڊائريڪٽر هئا ۽ 16 جون 2014 تي ڪمپني مان استعيفا ڏيئي ڇڏي ان کان پوءِ هڪ ڏينهن لاءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عادل صديقي ۽ سهيل منصور کي ڊائريڪٽر بڻايو ويو ۽ ٻئي ڏينهن استعيفا ورتي ويئي ان کان پوءِ ڪمپني جا 3 ڊائريڪٽر بڻايا ويا جن ۾ ارشد عبدالله وهيرا قاسم علي اظهارالدين خان شامل آهن هن ال 31 مئي تي به هن ڪمپني جي اڪائونٽس ۾ 12 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم موجود هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *