ايم ڪيو ايم جا مطالبا جائز آهن، نئين حڪومت اچڻ واري آهي: مراد علي شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ حڪومت هفتي 10 ڏينهن ۾ اچي رهي آهي ميڊيا سان ڳالهائيندي مرادعلي شاهه چيو ته اسان هر سياسي پارٽي جنهن وٽ مينڊيٽ آهي ان سان ڳالهه ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ايم ڪيو ايم مطالبن جو پيپر ٺاهي آئي هئي ايم ڪيو ايم جي مطالبن تي بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي ڪوئي اختلاف نه آهي ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڳالهه سان اختلاف نه آهي بس ڪجهه شين جي ورڊنگ ڏسڻي پوندي. بي اعتمادي رٿ تي مرادعلي شاهه چيو ته بي اعتمادي رٿ تي 28 مارچ کان اڳتي نٿا وڃي سگهون حڪومت چئي رهي آهي ته اسان جا نمبر پورا نه آهن اهڙي ڳالهه آهي ته بيشڪ اڄ ئي اجلاس سڏائي ووٽنگ ڪرائي وٺو 172 کان وڌيڪ ماڻهو بي اعتمادي رٿ جي حمايت ڪندا هن چيو ته عمران خان ماڻهن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏنا آهن ان لاءِ هڪ ڪروڙ ماڻهو ته ايندا مرادعلي شاهه دعويٰ ڪئي ته اڳين حڪومت هفتي 10 ڏينهن ۾ اچي رهي آهي وڏي وزير ٽوڪيندي چيو ته گورنر هائوس ۽ پرامنسٽر هائوس ۾ جيڪي يونيورسٽيون ٺهي ويون آهن انهن کي بند نه ڪريو انهن يونيورسٽين جا شاگرد هاڻي پنهنجي آخري سال ۾ آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *