ايم ڪيو ايم جا “را“ سان لاڳاپا آهن، پابندي مڙهيل وڃي: رائو انوار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل 2 دهشتگردن کي ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ايس ايس پي ملير رائو انوار دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار دهشتگردن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي ۽ اُنهن پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ ڀارتي ايجنسي ”را“ کان تربيت حاصل ڪئي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي ملير رائو انوار ٻڌايو ته پوليس گذريل رات احسن آباد ۾ ڪارروائي ڪري 2 اهم دهشتگردن طاهر عرف لمبا ۽ جنيد کي گرفتار ڪيو آهي جن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي، ٻئين جوابدار ڪي ايم سي جا ملازم آهن ۽ سندن قبضي مان بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته جوابدارن پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ ڀارتي ايجنسي”را“ کان تربيت حاصل ڪئي. انهن ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جي هر سيڪٽر جا ماڻهو ٽريننگ لاءِ ڀارت ويندا آهن جوابدار بئنڪاڪ ذريعي دهلي ويندا رهيا، ايم ڪيو ايم ڇوڪرن کي نوڪريون ڏئي انهن کان دهشتگرد ڪارروايون ڪرائي ٿي. رائو انوار موجب جوابدارن ٻڌايو آهي ته لنڊن مان ملندڙ هدايت موجب نائين زيرو ذريعي دهشتگردي ڪئي ويندي آهي جڏهن ته الطاف حسين جو ويجهو ساٿي محمد انور جا ”را“ سان ويجها لاڳاپا آهن، فاروق سليم ۽ نديم نصرت به دهشتگردن جي مدد ڪندا آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان خلاف ڪم ڪري رهي آهي ۽ ملڪ ۾ بي چيني پکيڙي رهي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم تحريڪ طالبان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي هيءَ سياسي پارتي جي نالي تي ملڪ دشمن پارٽي آهي اُن جو نيٽ ورڪ سڄي پاڪستان  آهي، ايم ڪيو ايم خلاف سمورا ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن اُن تي پابندي لڳڻ گهرجي جنهن جي تجويز به حڪومت کي ڏيندس. ايس ايس پي ملير چيو ته ايم ڪيو ايم پرتشدد ڪارروائين ۾ ملوث آهي، ڪراچي ۾ ڊاڪٽرز ۽ پروفيسرز جهڙا ماڻهو ڳولي ڳولي قتل ڪيو پيو وڃي. فاروق سليم ۽ نديم نصرت دهشتگردن جي مدد ڪندا آهن، گرفتار جوابدارن جنيد جو ڀاءُ جاويد لنگڙا الطاف حسين جو اص ماڻهو آهي جنهن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ ڀارتي شهريت ملي. انهيءَ موقعي تي جڏهن گرفتار جوابدارن کي ميڊيا آڏو چهرن تي ڪپڙو وجهي پيش ڪيو ويو ته جوابدار طاهر لمبا پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن آهي ۽ منهنجو تعلق لياري سيڪٽر سان آهي، مان 1992 جي آپريشن ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ بئنڪال ويس ۽ اُتان کان ڀارت روانو ٿيس جتي دهلي ايئرپورٽ تي ڀارتي آفيسر اسانکي ڪليئر ڪرايو، دهلي ۾ هڪ ڪارڪن سني اسانکي فارم هائوس وٺي ويو جتي هڪ ڪيمپ ۾ ”را“ جي ماڻهن اسانکي تربيت ڏني. ٻئي طرف  ايم ڪيو ايم جي اڳوان واسع جيل چيو ته ايس ايس پي ملير جي الزامن تي پنهنجو سخت ردِ عمل طاهر ڪندي چيو ته رائو جي پريس ڪانفرنس سڄو ڊرامو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي  ملير رائو انوار جي پريس ڪانفرنس هن سال جي مزاحيا ترين پريس ڪانفرنس ۽ ڊرامو آهي ڪراچي پوليس پاران ميڊيا اڳيان پيش ڪيل طاهر نالي ماڻهو طوطي جيان رٽايل انداز واري ڳالهه ٻولهه  ڪري رهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *