ايم ڪيو ايم جا الزام رد، سموريون ڀرتيون ميرٽ تي پيون ٿين : شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پوليس کاتي سميت صوبي جي سمورن ادارن ۾ ڀرتيون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون پيون وڃن ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي يا سفارشي ڪلچر جي ڪا به گنجائش ناهي. وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه صوبي جي سمورن معاملن کي بهتر طريقي سان هلائي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ وسيم اختر پاران سنڌ حڪومت تي لڳايل سمورا الزام هٿ ٺوڪيا ۽ بي بنياد آهن ۽ اسان انهن سمورن الزامن کي رد ڪريون ٿا. اربع ڏينهن وسيم اختر پاران ميڊيا جي ذريعي سنڌ حڪومت تي لڳايل الزامن جي موٽ ۾ جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ميرٽ جو صفايو ته صدر مشرف جي دور ۾ ڪيو ويو هو ۽ ان ئي دور ۾ ڀرتين  ۾ سفارشي ۽ سياسي ڪلچر کي فروغ ڏنو ويو.  هن چيو ته مشرف دور ۾ نه فقط ميرٽ کانسواءِ وڏي انگ ۾ ڀرتيون ڪيون ويون پر وڏي پيماني تي ترقيون ڏنيون ويون جنهن جا نتيجا اسان اڄ ڀوڳي رهيا آهيون. شرجيل انعام ميمڻ وسيم اختر پاران لڳايل الزامن کي هٿ ٺوڪيو، ڪوڙ تي ٻڌل ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته وزير اعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه هن وقت صوبي جا سمورا معاملا ۽ خاص طور سمورن ادارن ۾ ميرٽ تي ڀرتين سميت ٻين معاملن جي سخت نگراني ڪري رهيو آهي ۽ هو صوبي جي سمورن اشوز کي افهام و تفهيم ۽ بردباري سان حل ڪرڻ ۾ ڪوشان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *