ايم ڪيو ايم تي دهشتگردي جي ڇاپ لڳي وئي، الطاف حسين کي سوچڻو پوندو: پرويز مشرف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف چيو آهي ته ايم ڪيو ايم تي دهشتگردي جي ڇاپ لڳي وئي، کين گهڻو سمجهايو، پر هاڻي الطاف حسين کي سوچڻو پوندو. هڪ خابرو ادري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف چيو ته مارشل لا ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي پر حڪومت جي تبديلي  ضروري آهي. هن چيو ته ڪنهن به سياسي جماعت وٽ هٿيار نه هجڻ گهرجن،  ايم ڪيو ايم تي دهشتگردي پکيڙڻ وارو  تاثر  سموري ملڪ ۾ سگهارو بڻجي چڪو آهي . هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشر ف جو چوڻ هو ته  ملڪ  کي ڪير بهتر نموني هلائڻ لاءِ اڳتي اچي ته هو مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري سميت ڪيترن کي رعايت ڏيڻ سندس وڏي غلطي هئي. اوهان ايم ڪيو ايم جي سياست ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيو ٿا؟ واري سوال جي جواب ۾  پرويز مشرف  چيو ته هو هن فوج ۾ رهي ڪري  قيادت ۽ انتظامي معاملن جي سنڀالڻ ڪرڻ سکيو آهي، پر ايم ڪيو ايم واري معاملي تي کيس مسئلا نظر اچي رهيا آهن، مان ڪنهن هڪ علائقي جي نه پر سموري ملڪ جي ڳالهه ڪيان ٿو. هڪ  سوال جي جواب ۾ مشرف چيو ته مارشل لا ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، پر حڪومت جي تبديلي ضروري آهي، جيڪڏهن حڪومت تبديل نه ٿي ۽ دهشتگردي ٿيندي رهي ته ملڪ جي صورتحال شام ۽ عراق جهڙي ٿي ويندي. هن چيو ته آئين موجوده مسئلن جو حل نه ڏئي رهيو آهي، ان ڪري سپريم ڪورٽ کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هر ڪو چئي رهيو آهي ته گذريل اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي، اليڪشن ڪميشن به تسليم ڪيو آهي، ان ڪري سپريم ڪورٽ داخل درخواستن تي 2013 جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي حڪومت کي ختم ڪري ۽ عبوري حڪومت قائم ڪري. پرويز مشرف چيو ته  پ پ ۽ مسلم ليگ ن چار چار ڀيرا حڪومتون ڪري چڪيون آهن جنهن ڪري ملڪ جو ٻيڙو غرق ٿي ويو، هاڻي نئين فورس جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته پاڪستان  ۽ ڀارت ۾ پاڻي ۽ ڪشمير معاملي تي جنگ ٿي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *