ايم ڪيو ايم تي الزام سنگين آهن، چور ۽ ڦورو ڪراچي مان ڀڄندا پيا وڃن: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو  آهي ته چور ۽ ڦورو ڪراچي مان ڀڄي رهيا آهن.اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر جو رويو سهڻ جوڳو ناهي رهيو، لڳي ٿو ته اين اي 122 جو فيصلو ويجهو اچي چڪو آهي، جيڪڏهن اسپيڪر رويو نه بدلايو ته احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت جو رويو صفا غير جمهوريي آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ٿي ملي، ايوان ۾ ڪم جي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ته مائيڪ بند ڪئي وڃي ٿي. شيخ رشيد چيو ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت قومي اسيمبلي ۾ غلط انگ اکر پيش ڪيا، هڪ سوال جي جواب ۾  عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته ايم ڪيو ايم تي تمام سنگين الزام لڳا آهن، وزيراعظم کي اڄ پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *