ايم ڪيو ايم بلاول ڀٽو کان ڌمڪين واري بيان جي وضاحت گهري ورتي، عدالت وينداسين: متحده الطاف حسين

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، بلاول ڀٽو زرداري جَي ڌمڪين واري بيانن جِي وضاحت نه ڪرڻ جِي صورت ۾ عدالت وڃڻ جِو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ الطاف حسين چيو ته بلاول ڀٽو زرداري 6 آڪٽوبر 2014ع تي عيدالاضحيٰ جَي موقعي تي ڪراچي ۾ پنهنجي خطاب دوران چيو هو ته ”انڪل الطاف“ توهان پنهنجي اڻڄاتل ماڻهن کي سنڀاليو. هـُن چيو ته پي پي چيئرمين خطاب ۾ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن سندس ڪارڪنن کي ڪجهه به ٿيو هولنڊن ۾ هن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو. متحده سربراهه چيو ته آصف زرداري ٻڌائي ته سندس ڪارڪنن کي ڪڏهن ۽ ڪٿي رهڙ آئي آهي؟ الطاف حسين چيو ته 15 ڏينهن اندر پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي بيانن جي وضاحت نه ڪئي ته هو عدالت ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *