ايم ڪيو ايم بعد پيپلزپارٽي کي پرچائڻ جو ٽاسڪ به مولانا فضل الرحمان حوالي

اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي کي پرچائڻ جو ٽاسڪ به جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم جي صلاحڪاربئريسٽر ظفر الله مولانا فضل الرحمان کي فون ڪري ايم ڪيو ايم سان ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.وزيراعظم نواز شريف ۽ وفاقي اسحاق ڊار وچ ۾ ملاقات دوران پيپلزپارٽي کي پرچائڻ جو ٽاسڪ ۽ ايم ڪيو ايم سان ٻيهر ڳالهين لاءِ مولانا فضل الرحمان کي درخواست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.وفاقي حڪومت پاران پيپلزپارٽي کي پرچائڻ جو ٽاسڪ ڏيڻ کانپوءِ مولانا فضل الرحمان مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي فون ڪري سنڌ ۾ وفاقي ادارن جي ڪارروائين ۽ پ پ جي خدشن بابت ڳالهيون ڪيون.مولانا فضل الرحمان ۽ خورشيد شاهه وچ ۾ سومر تي اسلام آباد ۾ اهم ملاقات جو امڪان آهي.ٻئي طرف، وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر ظفر الله مولانا فضل الرحمان کي فون ڪري ايم ڪيو ايم سان ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي.ذريعن موجب بئرسٽر ظفر الله مولانا فضل الرحمان کي چيو ته حڪومت ايم ڪيو ايم جا جائز خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي……

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *