ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان سميت 28 جوابدار عدالت ۾ پيش، 90 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي رينجرز حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان ۽ اڳوڻي ايم پي اي يوسف منير شيخ سميت 27جوابدارن کي 90 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي رينجرز حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ آرز ۾ نامزد 26 جوابدارن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. نائين زيرو تي رينجرز جي ڇاپي دوران گرفتار ٿيل ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عامر خان، اڳوڻي ايم پي اي يوسف منير شيخ، عزيز انصاري، فهد فريد، سلمان احمد ۽ عمرخان سميت 27 جوابدارن کي ريمانڊ لاءِ اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو. رينجرز جي درخواست تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحفظ پاڪستان قانون تحت 27 جوابدارن کي 90 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو. رينجرز پاران اڄ عدالت ۾ پيش ڪيل ٻين جوابدارن ۾ محمد اسلم، محمد ساجد، علي اصغر، محمد اعظم، خالد رشيد، محمد عمران، سيد محمد علي، سيد نجم علي، حسن اختر، مرزا خليل، صابر، عرفان، سيد محمد شاهه، جهانگير، محمد حنيف، محمد يوسف ۽ فراست علي شامل آهن.  ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آرز ۾ نامزد فيصل موٽا سميت 26 جوابدارن کي سڀاڻي ريمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. عدالت آڏو عامر خان شڪايت ڪئي ته کيس هٿڪڙيون هڻي پيش ڪيو ويو آهي، جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، شهيد ڀٽو کي به هٿڪڙيون هڻي پيش ڪيو ويو هو. عدالت آڏو ايم ڪيو ايم جي  گرفتار ڪارڪنن شڪايت ڪئي ته رينجرز جو رويو درست نه آهي. ٻڌڻي بعد رينجرز سمورن جوابدارن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي وڪيلن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جج صاحب کي شايد اهو ياد ناهي ته ان وقت ملڪ ۾ آمريت هئي ۽ هن وقت جمهوريت آهي. ايم ڪيو ايم جي وڪيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ٻڌايو وڃي ته رينجرز ڪهڙن بنيادن تي نائين زيرو تي چڙهائي ڪئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *