ايم ڪيو ايم الزامن جي سياست بجائي تعميري ۽ هاڪاري ڳالهين تي ڌيان ڏئي ته وڌيڪ بهتر هوندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  چيو آهي ته شهرين کي پاڻي جي کوٽ جي مسئلي جي حل لاءِ سمورا اُپاءُ ورتا پيا وڃن اسان شهرين جي مسئلن کي چڱي ريت سمجھون ٿا ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ اڳ ۾ ئي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جڏهن ته ڪجھ مهينا پهرين سياسي جماعتن، واپارين ۽ صحافين تي ٻڌل هڪ خودمختيار مانيٽرنگ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي پر افسوس آهي ته ايم ڪيو ايم ان ڪاميٽي ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو. ايم ڪيو ايم الزامن جي سياست جي بجائي تعميري ۽ هاڪاري ڳالهين تي ڌيان ڏئي ته وڌيڪ بهتر هوندو. فاروق ستار پاڻ ان ڳالهھ کي مڃيو آهي ته شهر ۾ پاڻي جي طلب جي مقابلي ۾ دستيابي 50 سيڪڙو آهي ان بعد  الزامن جو ڇا مقصد ڇا ورتو وڃي؟ ڪي فور منصوبي ۽ ڌاٻيجي کان شهرين کي 65 ايم جي ڊي واڌو پاڻي جي منصوبي تي حڪومت ڪم شروع ڪيو آهي. ماضي ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ ڪنهن به اسڪيم تي ڪو به ڪم نه ٿيڻ جو نقصان اڄ عوام برداشت ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع واري ڏينهن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار پاران سنڌ حڪومت ۽ بلديات کاتي تي لڳايل الزامن جي جواب ۾ ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاڻ هن ملڪ مان الزامن واري سياست جو خاتموٿيڻ گھرجي. هن چيو ته حقيقت سامهون هوندي ڪو الزام لڳائي ڇا ٿو ثابت ڪرڻ چاهي؟ ان کي هاڻ عوام چڱي ريت سمجھي ٿو. هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ عوام کي پاڻي جي فراهمي جي مسئلن کان چڱي ريت واقف آهيون ۽ ان جي خاتمي ۾ مڪمل سنجيده آهيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين  ڪمشنر ڪراچي جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي جنهن ۾ سمورن ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ واٽر بورڊ جا آفيسر شامل آهن ۽ اها ڪاميٽي ڪيترن ئي ڏينهن کان شهر ۾ پاڻي جي منصفاڻي فراهمي، پاڻي جي فراهمي ۾ درپيش مسئلن ۽ ٽينڪر مالڪن پاران مقرر ڪيل قيمت کان وڌيڪ اگھن جي وصولي بابت شڪايتن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي ان ڳالھ جو افسوس آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار پاڻ پنهنجي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اها ڳالھ تسليم ڪئي آهي ته شهر ۾ پاڻي جي هڪ هزار ايم جي ڊي جي طلب جي مقابلي ۾ اسان وٽ صرف 520 ايم جي ڊي پاڻي دستياب آهي ته ان کان پوءِ هو ڪهڙي ڳالھ جي ڪري اسان تي ان جي ذميواري جو الزام لڳائي رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته موجوده حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ ان ۾ واڌاري لاءِ نه فقط ڪي فور منصوبي تي ڪم جو آغاز ڪيو آهي پر ڌاٻيجي کان ڪراچي کي 65 ايم جي ڊي واڌو فراهمي جي منصوبي جو آغاز  به ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي غير منصفاڻي ورهاست ۽ ڪنهن به اسڪيم جي نه هجڻ جو نقصان اڄ ڪراچي جو عوام ڀوڳي رهيو آهي ۽ ان جو ذميوار اڳوڻو آمر صدر مشرف ۽ ان جا حواري آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست ۽ عوام کي درپيش مسئلن ۽ ٻين شڪايتن جي پورائي لاءِ واٽر بورڊ ۾ شڪايتي سيل به قائم ڪيو ويو آهي ، جيڪو 24 ڪلاڪ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سبب عوام کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ تڪليفن جو احساس آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *