ايمنسٽي اسڪيم: 30 جون تائين 1575 ارب رپين جا اثاثا ظاهر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهه توڙي ملڪ ۾ اثاثا ظاه ڪرڻ بابت حڪومتي ايمنسٽي اسڪيم اڄ ختم ٿي رهي آهي، 35 هزار ماڻهن 1575 ارب ارپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن.  ايف بي آر جون سموريون آفيسون 11 وڳي تائين کليل رهنديون سمورا ٽيڪس ڏيندڙ ٽيڪس، ڊيوٽيز ۽ گوشورا جمع ڪرائي سگهن ٿا.  آخري ٽن ڏينهن ۾ اثاثا ظاهر ڪندڙ درخواستگذارن جي انگ ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿيو آهي جنهن کانپوءِ ايف بي آر جي آن لائن پورٽل تي شديد دٻاءَ سبب ڪيترن ئي صارفين کي اثاثا ظاهر ڪرڻ ۾ شديد ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پئجي ويو، هزارين ماڻهو پنهنجا ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪرائي سگهيا.  ايف بي آر کي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم مان هن وقت تائين 35 هزار ماڻهن طرفان 1575 ارب رپين جا اثاثا ظاهر ڪري مجموعي طور تي 34 ارب رپين جي اضافي روينيو ملو آهي. وفاقي ادارو جون جي مهيني دوران هن وقت تائين 350 ارب رپين جون اوڳاڙيون ئي ڪري چڪو آهي جنهن ڪري اڃا به روينيو شارٽ فال جو خطرو آهي جنهن سبب ايف بي آر  لاءِ  هلندڙ مالي سال لاءِ  مقرر ڪيل 4398 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙيون ممڪن ناهي. ايف بي آر ذريعن موجب ايمنسٽي اسڪيم ۾ دولت ۽ اثاثا ظاهر ڪرڻ سان ٽيڪس جمع ڪرائڻ لازمي ناهي، اثاثا ظاهر ڪري سموري سال دوران ٽيڪس جمع ڪرائي سگهجي ٿي پر ان لاءِ ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو تنهن ڪري ايمنٽي سان گهڻو روينيو نه ٿو اچي ته ڪو مسئلو ناهي ڇو ته ايندڙ مهينن ۾ اچي ويندو پر جيڪي اثاثا ۽ دولت ظاهر ٿيندي تنهن سان ملڪي معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ٻئي طرف ايف بي آر واضح ڪيو آهي ته ظاهر ڪيل اثاثا ڪنهن ٻئي قانون تحت قانوني ڪارروائي يا ڏنڊ لاءِ شهادت طور استعمال نه ٿا ٿي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *