ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ، ججن جي نظربندي مشرف جو ذاتي فيصلو هو: ڪرنل (ر) انعام الرحيم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف استغاثه جي آخري گواهه ڪرنل (ر) انعام الرحيم جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران ڪرنل (ر) انعام الرحيم موقف اختيار ڪيو ته ايمرجنسي جو نفاذ ۽ ججز جي نظربندي پرويز مشرف جا ذاتي فيصلا هئا، هن چيو ته نومبر جي ايمرجنسي ۾ پرويز مشرف وردي جو غلط استعمال ڪيو ۽ پاڪ فوج جي ساک کي نقصان پهچايو، عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ سندس چوڻ هيو ته ججز جي نظربندي ۾ ڪور ڪمانڊرز جي مرضي شامل نه هئي، سندس چوڻ هيو ته ايمرجنسي خلاف وڪيلن ۽ اڳوڻن فوجين به احتجاج ڪيو، هن ٻڌايو ته عدليه بحالي تحريڪ ۾ سرگرم وڪيلن کي جيل اماڻيو ويو، پراسيڪيوٽر عامر نديم چيو ته سمورن گواهن جون شاهديون مڪمل ٿي ويون آهن، بعد ۾ ٻڌڻي کي پنج آڪٽوبر تائين ملتوي ڪيو ويو، مشرف خلاف 60 ججن کي نظربند ڪرڻ تي 11 آگسٽ 2009 تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ دهشتگردي جون دفعات به شامل ڪيون ويون، جون 2013 ۾ ان تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي، جنهن موجب اڳوڻي صدر ججز کي نظربند ڪيو ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *