ايمان علي ليکڪا بڻجي وئي،مارچ ۾ پنهنجي لکيل پهرين فلم جي شوٽنگ شروع ڪندي

لاهور (شوبز نيوز) ناليواري اداڪاره ۽ ماڊل ايمان علي مارچ ۾ ليکڪا جي حيثيت ۾ پنهنجي پهرين فلم جي شروعات ڪندي، ايمان علي فلم جي ليکڪا طور هڪ فلم جو اسڪرپٽ پورو ڪري ورتو آهي ۽ ان جي ڪاسٽ کي آخري شڪل ڏيڻ کانپوءِ مارچ ۾ فلم جي شوٽنگ شروع ڪئي ويندي، فلم ۾ ايمان علي پاڻ به مرڪزي ڪردار ادا ڪندي، ياد رهي ته ايمان علي کي فلمي اداڪاره ۽ هدايتڪار طور شعيب منصور پنهنجي فلم خدا ڪي ليئي ذريعي فلمن ۾ آندو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *