ايل اين جي ڪيس: شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل سميت 10 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ايل اين جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل سميت 10 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب راولپنڊي اختيارن جي غلط استعمال تي شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل سميت 10 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو. ڪيس ۾ چيو ويو ته جوابدارن مارچ 2015 کان سيپٽمبر 2019 تائين هڪ ڪمپني کي 21 ارب رپين کان وڌيڪ جو فائدو پهچايو، جنهن سان 2029 تائين قومي ناڻي کي 47 ارب رپين جو نقصان ٿيندو. ريفرنس موجب ايل اين جي معاهدي سبب عوام تي گئس بل جي مد ۾ 15 سالن دوران 68 ارب رپين کان وڌيڪ جو واڌو بار پوندو. پي ايس او جي اڳوڻي ايم ڊي شيخ عمران الحق به معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪيس ۾ اينگرو گروپ چيئرمين حسين دائود کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻو سيڪريٽري عابد سعيد ۽ ايم ڊي پيٽروليم شيخ عمران الحق اهم شاهد بڻجي ويا آهن. احتساب عدالت شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *