ايل اين جي ڪوٽا ڪيس، نيب جون اپيلون رد، نيب جو الله ئي حافظ آهي:   چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ايل اين جي ڪوٽا ڪيس ۾ نيب جون اپيلون رد ڪندي رمارڪس ڏنا ته نيب جو الله ئي حافظ آهي.  چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ايل اين جي ڪوٽا ڪيس ۾ اڳوڻي وزير انور سيف الله ۽ اڳوڻي سينيٽر صفدر عباسي جي بريت جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته انور سيف الله پئٽروليم واري وزير طور ڪوٽا جاري ڪئي جيتوڻيڪ کيس ڪوٽا ڏيڻ جو اختيار نه هو. جسٽس عظمت سعيد سوال ڪيو ته قائدن ۽ ضابطن تحت ڪوٽا ڏيڻ جي مجاز اٿارتي ڪهڙي آهي؟ نيب جي وڪيل چيو ته مجاز اٿارٽي بابت ڪو به رڪارڊ ناهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته نيب جو الله ئي حافظ آهي، چيف جسٽس به چيو ته اسان جو ۽ سڀني جو الله حافظ آهي.  جسٽس عظمت سعيد چيو ته نيب جو موقف آهي ته وزير پنهنجي ئي صوابديد تي ڪوٽا ڏني، نيب کي ثابت ڪرڻو آهي ته ڪوٽا ڏيڻ جو اختيار ڪنهن جو هو،  ڪنهن هنڌ وزير جو ڪوٽا ڏيڻ جو حڪم يا صحيح ناهي، ڇا ڪيس کي هلائڻ جو هي طريقو غلط آهي، ان ڳالهه جو ثبوت ڪٿي آهي ته انور سيف الله ڪوٽا ڏني.  سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کانپوءِ نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *