ايل او سي تي ڀارتي جارحيت ڪشمير صورتحال تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي سيڪريٽري اعزازاحمد چوڌري چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي معاملي تي پاڪستان ۾ عالمي سطح تي پذيرائي ملي آهي برهان واني جي شهادت تي ڪشميري عوام جو ردعمل مثالي هو ايل او سي تي ڀارتي جارحيت والاريل ڪشمير جي صورتحال تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي اسان جي پاليسي عدم مداخلت تي ٻڌل آهي جارحيت جو جواب ڀرپور انداز ۾ ڏنو ويندو. سومر تي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ پارليماني پارٽين جي اجلاس دوران شريڪ ٿيندڙن بريفنگ ڏيندي پرڏيهي سيڪريٽري اعزازاحمد چوڌري چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو وزيراعظم نوازشريف 11 اڳواڻ ملڪن جي اڳيان ڪشمير مسئلي ۾ ڀارتي جارحيت جو معاملو اٿاريو هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي معاملي تي پاڪستان جي بين الاقوامي سطح تي پذيرائي ملي آهي. او آءِ سي گروپ به پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته برهان واني جي شهادت تي ڪشميري عوام جو ردعمل مثالي هو. سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي هن چيو ته سنڌ تاس معاهدي تي ڀارت شوشو ڇڏيو پوءِ پاڻ ئي پوئتي هٽي ويو. ڀارت وائڙائپ جو شڪار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *