ايل او سي تي ڀارتي اڳرائي، 2010 کان 2015 تائين 87 پاڪستاني شهيد ٿيا: رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پهرين جنوري 2010 کان 22 آڪٽوبر 2015 تائين ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران جنگبندي جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ 87 شهري شهيد 407 زخمي ٿيا، ڊرگريگيوليٽري اٿارٽي ۾ نومبر جي آخر تائين مقررين جو عمل مڪمل ڪيو ويندو بيروني ملڪ 61 پاڪستاني مشنز ۾ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي سهولت موجود آهي گوادر لاءِ سموري سيڙپ چين مان اچي رهي آهي جڏهن ته چيئرمين سينيٽ سينيٽر رضا رباني ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي موڪل گهرڻ وقت مصروفيت جي وضاحت ڪن اربع تي سوالن جي وقفي دوران سينيٽر طلحه محمود جي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جواب ڏيندي ان ٻڌايو ته بيروني ملڪ مشنز ۾ مشين ريڊ ايبل پاسپورٽ جاري ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن فنڊز جي کوٽ جي ڪري هن معاملي ۾ دير ٿي رهي آهي هن ٻڌايو ته گذريل پنجن سالن دوران 61 پاڪستاني مشنز مان بيروني ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاسپورٽس جاري ڪيو ويو انهن ۾ رياض مان سڀ کان وڌيڪ 6 لک 81 هزار 499 ابوظهبي مان 3 لک 52 هزار 193 پاسپورٽس جاري ڪيا ويا دوحه مان 93822 ڪويت مان هڪ لک 30068 مسقط مان هڪ لک 3257 پاسپورٽس جاري ڪيا ويا سينيٽر طلحه محمود جي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته بيروني ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز ۾ ويزا ڪائونسلر جي نالي ڪوئي عهدو نه آهي ويزا جي معاملن کي اڪلائڻ لاءِ مختلف آفيسرن جي مقرري معمول مطابق ڪئي وڃي ٿي ڪنهن خاص آفيسر جي پوسٽنگ ناهي ڪئي ويئي وسيلن جي اڻهوند جي ڪري ويزا ڪائونسلر نالي جو عهدو موجود نه آهي ايندڙ بجيٽ ۾ ان اڻهوند کي پورو ڪيو ويندو مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ٻڌايو ته اٿارٽي تحت بين الاقوامي معيار جون ليبارٽيون ٺاهيون وينديون جڏهن ته ڪوالٽي ڪنٽرول جو سيڪشن به ٺاهيو ويندو هن ٻڌايو ته خالي آسامهون ڀرڻ لاءِ مقررين جو عمل جاري اهي جيڪو نومبر تائين مقرر ڪيو ويندو هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته نيشنل ٽي بي ڪنٽرول پروگرام لاءِ 128 ملين ڊالر گلوبل فنڊ جي ذريعي مليا آهن صوبائي ٽي بي ڪنٽرول سينٽرل ذريعي دوائون فراهم ڪيون وڃن ٿيون ۽ ٻن مهينن جو بيڪ اپ رکيو وڇي هن ٻڌايو ته 90 سيڪڙو پروگرام گلوبل فنڊ سان هلي رهيو آهي سينيٽر نزهت صادق جي سوال جي لکت واري جواب ۾ هن ٻڌايو ته حڪومت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ماحوليات ۽ موسميات ۾ تبديلين جي ڪري بيماري جي وڌندڙ واقعن جو نوٽيس ورتو آهي ان سلسلي ۾ قدم کنيا پيا وڃن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته سرڪاري اسپتالن ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت انجيڪشن لاءِ مناسب انگ ۾ سرنجهون فراهم ڪيون وڃن ٿيون استعمال ٿيل سرنجهن کي ضايع ڪيو وڇي ٿو ته جيئن ٻيهر استعمال نه ٿي سگهن پارليماني معاملن جي مملڪتي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته پاڪستان پوسٽ ملڪ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ 12 هزار کان وڌيڪ پوسٽ آفيسن جو هڪ وسيع نظام قائم ڪيو آهي ان ۾ 83 جي پي اوز شامل آهن اداري پنهنجي بجيٽ مان ڪيترن ئي مالي خدمتن کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪري ڇڏيو آهي بيروني ملڪ پوسٽ ۽ ايڪسپريس پوسٽ آرٽيڪلز لاءِ آن لائين سسٽم جي سهولت به مهيا آهي سمورين پوسٽ آفيسن کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ لاءِ هيٺين سطح تائين هارڊ ويئر ۽ سافت ويئر کي جوڙڻ جي ضرورت آهي ان ڪم کي مرحليوار ڪيو پيو وڃي. سينيٽ جي اجلاس دوران مختلف سينيٽرز جي موڪل جي درخواستن جي منظوري ڏيندي چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي موڪل جي درخواست ۾ فقط ذاتي مصروفيت بدران مصروفيت جي وضاحت ڪن سوالن جي وقفي دوران سينيٽر جاويد عباسي جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ نيشنل لا يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي ڪائي تجويز غور هيٺ نه آهي هن ٻڌايو ته ان جو منصوبو 2006 ۾ جوڙيو ويو هو ۽ ان تي لاڳت جو ڪاٿو 415 ملين رپيا هو ان تحت 33 اسڪالرز کي بيروني ملڪ اماڻيو ويو هو جيڪي پنهنجي تعليم مڪمل ڪري واپس اچي ويا. چيئرمين چيو ته هي معاملو ڪڏهن به پارليامينٽ ۾ نه آيو آهي انهيءَ ڪري جنهن بيوروڪريٽ جواب ۾ هي لکيو ته پارليمينٽ ان جو چارٽر جاري ناهي ڪيو ان کان جواب ورتو وڇي ڇو ته هي پارليمان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهي سائره افضل تارڙ هڪ ميمبر جي تجويز کي ان معاملي کي ڪميٽي کي اماڻڻ جي مخالفت نه ڪئي هن چيو ته بي شڪ هي معاملو ڪميٽي کي اماڻيو وڇي ته جيئن خبر پوي ته ان تي ڪارروائي ڇو ناهي ٿي سگهي ان تي چيئرمين معاملو سينيٽ جي ايجوڪيشن ڪميٽي کي اماڻيندي هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي. هڪ ٻئي سوال جي لکت واري جواب ۾ مواصلات وزارت پاران ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي فاٽا تائين پنهنجو ڪم وڌائي ڇڏيو آهي ۽ پشاور طورخم 8 ارب رپين جي رٿا مڪمل ڪئي ويئي آهي سينيٽ کي ٻڌايو ويو ته پهرين جنوري 2010 کان 22 آڪٽوبر 2015 تائين ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران جنگبندي جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ 87 شهري شهيد ۽ 407 زخمي ٿيا سينيٽر ثمينه عابد جي سوال جي لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته آزاد ڪشمير حڪومت شهيد ۽ زخمين کي زر ازالو فراهم ڪري ٿي شهيدن جي ڪٽنبن ۾ هرهڪ کي 3 لک رپيا، مستقل اپاهج ٿيندڙ کي 2 لک رپيا ۽ ٻين زخمين کي هڪ لک رپيا اد اڪيا وڃن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *