ايف 16 وٺڻ اسان جو حق آهي ان ڪري ڪوشش ڪري رهيا آهيون: خواجا آصف

اسلام آباد (اين اين آءِ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا اسان کي ايف 16 جهاز فراهم نه ڪيا ته ٻين منڊين جو رخ ڪنداسين، هن چيو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ ننڍا مسئلا ايندا آهن جڏهن ته مجموعي طور تي لاڳاپا بهتر آهن، هن چيو ته آمريڪا 3 سالن کان اسان سان حقاني طالبان ۽ شڪيل آفريدي جي معاملي تي ڳالهائي رهيو آهي، شڪيل آفريدي جو معاملو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته افغانستان چاهي ٿو ته سندس مسئلو حل ٿئي، هن چيو ته افغانستان جو امن سڌي طرح پاڪستان جي امن سان سلهاڙيل آهي، هن چيو ته ايف 16 جهاز روڪڻ سان پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششون متاثر ٿينديون، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ايف 16 جهاز آپريشن ضرب عضب ۾ ڪاميابي سان استعمال ڪيا ويا، پاڪستان کي ان جهازن جي خريداري روڪڻ جو مطلب پاڪستان جي ڪوششن کان انڪار آهي، هن چيو ته شڪيل آفريدي پاڪستاني شهري آهي ۽ ان خلاف پاڪستاني عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ آهن، ڪنهن به قوت کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *