ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ايف بي آر اشارو ڏنو ته ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ 1 لک نوٽيس موڪليا ويندا جڏهن ته نوٽيسز جو جواب نه ڏيندڙن خلاف  ڪارروائي ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ ايف بي آر جي اِن لينڊ روينيو پاليسي ميمبر، آءِ آر آپريشنز جي ميمبر ۽ آءِ ٽي جي ميمبر گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي. لينڊ روينيو پاليسي جي ميمبر ڊاڪٽر حامد سرور چيو ته سالياني 6 لک رپيا بجلي جو بل ادا ڪندڙ دڪاندارن کي سيلز ٽيڪس رجسٽريشن  ۾ آڻينداسين ۽ ٽيڪس رجسٽرڊ ماڻهن جو انگ 4 لک تائين وڌائينداسين.  ان موقعي تي آءِ آر آپريشنز جي ميمبر سيما شڪيل چيو ته هڪ لک هاءِ نيٽ ورٿ وارن ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آنن جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ لک ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪنداسين. هن ٻڌايو ته نوٽيسز کي جاري ڪرڻ وارو عمل مرحليوار جاري رهندو ۽ نوٽيسز بينڪ مان رقم ڪڍرائڻ سميت معاشي سرگرمين جي بنياد تي جاري ڪيا ويندا. ان حوالي سان آءِ آر پاليسي جي ميمبر  ڊاڪٽر حامد عتيق سرور جو چوڻ هو ته سيلز ٽيڪس رجسٽريشن وارن جو انگ 3 کان 4 لک تائين وڌائينداسين، جيڪي هن وقت اڍائي لک آهن. هن چيو ته سالياني 6 لک رپيا يا ان کان وڌيڪ بجلي بل ادا ڪندڙ، هڪ هزار مربع فٽ کان وڌيڪ دڪان وارا، ريٽيلرز ۽ صنعتي ڪنڪشنز رکندڙن جي سيلز رجسٽريشن  ترجيحن ۾ شامل آهن. ڊاڪٽر حامد عتيق سرور چيو ته ملڪ ۾ 4 وڏا ريٽيلرز رجسٽرڊ آهن جيڪي ڪپڙي ۽ جوتن سميت 15 کان 20 وڏن برانڊن تي ٻڌل آهن. ان کان سواءِ  آءِ ٽي ايف بي آر جي ميمبر محمود اسلم جو چوڻ هو ته سيلز ٽيڪس رجسٽريشن ۾ ماڻهن کي شڪايتون هيون پر سيلز ٽيڪس رجسٽريشن کي آسان ڪيو ويو آهي، ڪو به شخص پنهنجي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فون جي ذريعي سيلز ٽيڪس رجسٽريشن ڪرائي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *