ايف آئي اي ۽ نيب سنڌ حڪومت خلاف حملي آور آهن: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، وڏي وزير نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته نيب جي ڪاررواين بابت وزيراعظمکي شڪايت ڪئي وئي آهي، ڪي ايم سي مان کنيل هڪ به فائل گم ٿيو ته ذميوار ايف آءِ اي هوندي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڌ سماءُ واري وزير نثار کهڙَي، ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر ايف آءِ اي ۽ نيب جون ڪارروايون افسوسناڪ ۽ قانون جي خلاف آهن. هن چيو ته وفاقي ادارن طرفان سنڌ حڪومت خلاف ڪرپشن جي نالي تي ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي، ايف آءِ اي بنا اجازت جي ڪي ايم سي مان فائلون کڻي وئي. سندس چوڻ هو ته ڪي ايم سي مان کنيل فائلن مان ڪا هڪ به فائل گم ٿي ته ذميوار ايف آءِ اي هوندي. وڏي وزير چيو ته ٻڌايو وڃي ته نيب هيستائين ڪيترا ماڻهو چالان ڪيا ۽ ڪيترن کي پِلـِي بارگين ذريعي آزاد ڪيو ويو. وڏو وزير قائم علي شاهه چيو ته ايف آءِ اَي جي بنا اجازت ڪاررواين تي وزيراعظم آڏو شڪايت ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي ڪراچي جون حالتون به بهتر ٿي ويون آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ اندر امن امان جي بهتري لاءِ وزيراعظم ۽ آرمي چيف دلچسپي وٺي رهيا آهن، جن تي هــُو انهن جا ٿورائتا آهن. سيد قائم علي شاهه چيو ته وزيراعظم سنڌ مٿان مهربان آهي، جنهن ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو به ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *