ايف آئي اي، نيب ۽ رينجرز کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت بند ڪرڻ گهرجي: منظور وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته صوبي ۾ ڪرپشن ڪندڙن خلاف سنڌ حڪومت ڪارروائيون ڪري رهي آهي ايف آئي اي، نيب ۽ رينجرز کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت بند ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ صوبن اندر احساس محرومي وڌي ويندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منظور وساڻ چيو ته اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ ۾ وزير جا ڪي به اختيار ناهن، اهو ڊي سي ۽ ڪمشنر ڪرپشن ڪندڙ تپيدارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪندا تنهنڪري اينٽي ڪرپشن کي بااختيار ادارو بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪڻڪ جي خريداري دوران 15 لک بارداڻو غريب آبادگارن کي ڏنو ويو، پر جيڪڏهن آبادگارن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي. صوبائي وزير چيو ته ڪڻڪ جي خريداري جو ٽارگيٽ 5 لک هو جيڪو پورو ڪيو جڏهن ته ست لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سنڌ حڪومت وٽ اڳ ۾ ئي موجود هئي. منظور وساڻ جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پاران يوڪرين مان ست لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهرائڻ سبب آبڪلاڻي جي مند ۾ گدامن کان ٻاهر پيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خطرو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ خوراڪ واري وزير چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪڻڪ جون 4 لک 16 هزار ٻوريون خرد برد ڪرڻ واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي..منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته خوراڪ کاتي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن به عملدارن کي بخش نه ڪيو ويندو..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *