ايف آءِ کي جاچ جاري رکڻ جي هدايت، مواد ختم ڪرڻ لاءِ پينل بڻائڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد ڪيس جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جسٽس شوڪت عزيز صديقي 3 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو. عدالت فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته ايف آءِ قانون موجب جاچ جاري رکي، 5 بلاگرن کي خاص شاهدين جي موجودگي ۾ ملڪ واپس آندو وڃي. ايف آءِ اي گستاخ مواد جي نئين درخواست تي ڪارروائي ڪري. عدالت هدايت جاري ڪئي ته گستاخ مواد تي ٻڌل پيجن خلاف ميڪنزم بڻايو وڃي، پي ٽي اي سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد روڪڻ جو طريقي ڪار طئي ڪري، اليڪٽرانڪ ڪرائيم ٽوڙ ايڪٽ 2016ع ۾ هڪ مهيني جي ترميم ڪئي وڃي جڏهن ته گستاخ مواد ختم ڪرڻ جي لاءِ پينل يا ڪميٽي بڻائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *