ايف آءِ اي ۾خراب شهريت رکندڙ 9 آفيسرن کي اهم عهدن تان هٽايو ويو

اسلام آباد (بيورو) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي هدايت تي ايف آءِ اي ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪرڻ ۽ بري شهريت جي حامل ايڊيشنل ڊائريڪٽر سميت 9 آفيسرن کي اهم عهدن تان هٽائي بليڪ لسٽ ڪيو ويو. ايف آءِ اي جي باخبر ذريعن ”آءِ اين پي“ کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر جي دوري دوران ڊي جي ايف آءِ اي غالب بنديشه کي هدايت ڪئي هئي ته ايف آءِ اي ۾ ڪرپشن ۾ ملوث ۽ بري شهريت رکندڙ آفيسرن کي برداشت نه ڪيو ويندو، گهرو وزير جي ان هدايت جي روشني ۾ ڊي جي ايف آءِ اي ڪجهه آفيسرن متعلق شڪايتون ملڻ تي ان جي جاچ ڪرائي جيڪا صحيح ثابت ٿي جنهن تي ايف آءِ اي ايڪشن وٺندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي شاهد حسين، ڊپٽي ڊائريڪٽر چوڌري سجاد اڪرم سميت 9 آفيسرن کي اهم عهدن تان هٽائي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي ۽ کين آئيندهه ايف آءِ اي ۾ اهم عهدن تي مقرر نه ڪيو ويندو. ڊي جي ايف آءِ اي انهن آفيسرن کي اهم عهدن تان هٽائڻ جي رپورٽ گهرو وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *