ايف آءِ اي کان تحقيق جو نه چيو، اسان رڳو ٽيليفونڪ ڊيٽا جي مدد گهري: نجم سيٺي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايڊيشن کان هڪ ڏينهن پهريان اسان کي ڪجهه ”گڙٻڙ“ جي رپورٽ ملي وئي هئي جنهن کانپوءِ اسان جا ماڻهو به گهڻا محتاط ٿي ويا، هڪ انٽرويو ۾ نجم سيٺي جو چوڻ هو ته وقت اچڻ تي پي ايس ايل فڪسنگ جا ثبوت سڀني اڳيان آڻينداسين، ان معاملي تي اسان جو ميڊيا ٽرائل نه هئڻ گهرجي. ان چيو ته فڪسنگ معاملن ۾ آءِ سي سي ڀرپور تعاون ڪري رهيو آهي، محمد عرفان اسان سان سڀ کان وڌيڪ تعاون ڪيو، خالد ۽ شرجيل خلاف ڪجهه ثابت نه ٿي سگهيو ته اسان جي بدقسمتي هوندي، مون مٿان هميشه مختلف الزام لڳندا رهيا آهن پر اسان دنيا کي پي ايس ايل ۽ پوءِ ان جو فائنل لاهور ۾ ڪرائي ڏيکاريو. نجم سيٺِ وڌيڪ چيو ته فڪسنگ تي مان ۽ شهريار خان هڪ ئي صفحي تي آهيون، گهڻا شاهد گڏ ڪرڻ بعد ئي رانديگرن خلاف ايڪشن کنيو، ايف آءِ اي کان تحقيق ڪرائڻ جو اسان نه چيو، اسان صرف انهن کان ٽيليوفونڪ ڊيٽا جي مدد گهري هئي، چيئرمين پي ايس اي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي سي بي ڪنهن رانديگر کي جيل جي سزا نٿو ڏئي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *