ايف آءِ اي اسٽيل ملز اسپتال ۾ ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل ڪراچي پاڪستان اسٽيل ملز اسپتال ۾ ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ان سلسلي ۾ اسٽيل ملز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر کي لکيل هڪ خط ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي گهرايو ويو آهي، ايف آٰءِ اي ذريعن مطابق اسٽيل مل جي ٻين شعبن وانگر ملازمن کي علاج جي سهولت فراهم ڪندڙ اسپتال به سخت بدانتظامي جو شڪار آهي ۽ اسپتال ۾ دوائن جي خريداري ۽ ٻيا انتظامي خرچن ۾ وڏي پئماني تي مالي بدعنوانيون ٿي رهيون آهن اسٽيل مل اسپتال ۾ ٿيندڙ باقاعدگيءَ جو هڪ اهم ثبوت گذريل سال اسپتال انتظاميه پاران ڪئي ويندڙ خريداري ۾ لکين رپين جي ڪرپشن تي اسٽيل ملز انتظاميه پاران جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي ۽ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ لاڳاپيل آفيسرن جي ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جي تصديق ڪندي سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي. پر اڃا تائين لاڳاپيل ذميوارين خلاف ڪا به ڪارروائي شروع ناهي ٿي سگهي. جاچ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ اڳوڻو ڪيپٽن شمسي حسن، جنرل مئنيجر اسد بن سعيد، اي جي ايم فنانس محمد حنفي، ڊاڪٽر عمر ڀٽي، ڊاڪٽر چند ڪمار شرما ۽ ڊي جي ايم شاهد احمد خان شامل آهن. پيغام ۾ سي اي او کان سمورو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪميٽي جي رپورٽ ۽ ان جي روشني ۾ ذميوار آفيسرن ۽ ملازمن جي خلاف ٿيندڙ ڪارروائي جو تفصيل شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *