ايشيا ڪپ ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ بنگلاديش ۽ يو اي اي وچ ۾ مقابلو ٿيندو

ميرپور (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ (اڄ) جمعي تي بنگلاديش ۽ يور اي اي جي ٽيمن وچ ۾ شير بنگال اسٽيڊيم ميرپور ۾ مقابلو ٿيندو، تفصيل موجب ايشيا ڪپ ۾ مقابلن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. ميگا ايونٽ ۾ پنج ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري رهيون آهن، جن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، سريلنڪا، ڀارت ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن. پاڪستان جي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ 2 مارچ تي بنگلاديش جڏهن ته 4 مارچ تي سريلنڪا خلاف ميچ کيڏندي، ايشيا ڪپ 6 مارچ تي ختم ٿيندو. ڀارت ۽ پاڪستان جون ٽيمون ايشيا ڪپ ۾ سڀاڻي ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ 19 مارچ تي ڌرم شالا ڀارت ۾ ٽي 20 ميچون کيڏنديون. بنگلاديش ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ گڏيل طور تي 13هون ۽ بنگلاديش ۾ منعقد ٿيندڙ پنجون ٽورنامينٽ آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *