ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي جو اعلان،پاڪ-ڀارت ٽيمون 27 فيبروري تي آمهون سامهون ٿينديون

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي جو اعلان ڪيو ويو آهي،جنهن ۾ ميزباني بنگلاديش ڪندو. ذريعن مطابق ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي 24 فيبروري کان بنگلاديش ۾ ٿيندو،جڏهن ته قومي ٽيم 27 فيبروري تي پنهنجو پهريون ميچ روايتي مخالف ڌر ڀارت خلاف کيڏندي.ايونٽ ۾ شامل 4 مان هڪ ٽيم چونڊجڻ کانپوءِ مين رائونڊ ۾ پهچندي،جيڪو 29 فيبروري تي گرين شرٽ سان ٽڪرائيندي،2 مارچ تي پاڪستان جو مقابلو بنگلاديش ۽ 4 مارچ تي سريلنڪا سان ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *