ايشيا دنيا جو سڀ کان فعال خطو آهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد(اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ايشيا دنيا جو سڀ کان فعال خطو آهي، ترقي جو سفر جاري رکيو ته 21 هين صدي ايشيا جي آهي. گذريل ٽن ڏهاڪن کان ايشيا تيزي سان ترقي طرف گامزن آهي، پاڪستان، چين، ڏکڻ ايشيا ۽ اولهه ايشيا سان ڪاسا 1000، تاپي، ايران-پاڪستان گئس پائيپ لائين ۽ پاڪ چين اقتصادي ڪوريڊور جهڙن منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ايندڙ سالن ۾ ايشيا جو عالمي معيشت ۾ اهم ڪردار هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بئنڪاڪ ۾ ايشيا ڪو آپريشن ڊائيلاگ (اي ڊي سي) جي 14 هين وزارتي سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. سرتاجعزيز چيو ته گذريل سال عالمي معيشت جي اوسر 3.1 سيڪڙو هئي جڏهن ته ايشيا جي اوسر 5.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. اها اوسر هلندڙ سال به متوقع آهي ۽ ايندڙ سالن ۾ ايشيا جي معيشت عالمي معيشت کان گوءِ کڻي ويندي پر اسان کي ڪجهه سيڪيورٽي ۽ سياسي چئلينج به درپيش آهن. پنهنجن سڀني صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ۽ انهن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ويجهي سهڪار جي ضرورت آهي، ان مقصد لاءِ اي ڊي سي بهترين فورم آهي، سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان علائقائي رابطن لاءِ تيار ڪيل روڊ ميپ سان اتفاق ڪري ٿو. رابطن جو ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي. علائقائي رابطن کي مواصلاتي انقلاب ۽ ڊجيٽل هاءِ ويز ذريعي وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪاسا 1000، تاپي، آءِ ڇي توانائي منصوبن ذريعي وچ ايشيائي پاڙيسري ملڪن سان رابطن تي ڪم ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه پاڪستان سي پي اي سي تي به تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *