ايشيا جي عظيم ليڊر محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 7 ورسي اڄ ملهائي ويندي، انتظام مڪمل

لاڙڪاڻو (بيورو) دنيا جي عظيم سياستدان، اڳوڻي وزير اعظم۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي ستين ورسي اڄ پيپلز پارٽي پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. ان حوالي سان پيپلز پارٽي پاران ورسي جي تقريبن جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ مک تقريب ڳڙهي خدابخش ۾ رٿي وئي آهي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي پ پ پ جي جهنڊن، شهيد محترمه بينظير ٽو جي تصويرن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو آهي ۽ شهيدن جي مزار ويجهو محترمه شهيد سميت سمورن شهيدن جي تصويرن جا اسٽال لڳايا ويا آهن. جڏهن ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا جيالا هر سال جيان عقيدت طور ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. جڏهن ته پ پ پ جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، سندس نياڻي بختاور ڀٽو زرداري، شيري رحمان سميت پارٽي جا ڪيترائي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ نئون ديرو هائوس پهچي ويا آهن. جڏهن ته آصف علي زرداري، شيري رحمان ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. اڳواڻي صدر آصف علي زرداري جي مزار تي آمد کان اڳ پوليس پاران مزار کي سيل ڪري سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا. آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي پڻ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ورسي جي حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو. آءِ جي پاران پوليس کي ڦول پروف انتظام ڪرڻ جون سخت هدايتون ڪيون ويون آهن. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ماڻهن کي واڪ ٿرو گيٽس ذريعي اسپيشل برانچ ۽ پ پ پ جا ڪارڪن تلاشي ڪرڻ بعد مزار اندر ڇڏي رهيا آهن. جڏهن ته وڏي تعداد ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪار، ليڊي پوليس اهلڪارن سميت اسپيشل ڪمانڊوز ۽ رينجرس اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. 6500 پوليس اهلڪارن کي نئون ديرو، ڳڙهي خدابخش مقرر ڪري نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي ٻن ريڊ زون ۾ ورهايو ويو آهي ۽ مزار اندر ۽ پنڊال ٻاهران ڪلوز سرڪٽ ذريعي مانيٽرنگ ڪندا ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پوليس انتظاميه پاران مک ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آغا سراج دراني ۽ ٻين ورسي جي انتظامن جو ٻيهر جائزو ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *