ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو پاڪستان کي 2.7 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جو اعلان

منيلا (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان کي هلندڙ سال ٻه ارب 70 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پڌرائيءُ موجب قرض جي فراهمي پاڪستان جي آپريشنز بزنس پلان لاءِ هوندي ۽ بزنس پلان سان پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبن کي مدد ملندي.  اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي قرض فراهم ڪرڻ جي سالياني ايوريج 2.4 ارب ڊالرن تائين وڌي ويندي، سال 18-2015 دوران قرض جي سالياني ايوريج 1.4 ارب ڊالر وڌي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب قرض جي فراهمي مختلف ذريعن مان حاصل فنڊنگ سان ٿيندي، خطي جي رعايتي وسيلن تائين پهچ ۾ پاڪستان جي مدد ڪنداسين. پڌرائي موجب ٻيا ترقياتي پارٽنر به پاڪستان جي ترقي جي سفر ۾ پنهنجو حصو وجهندا. واضح رهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستاني حڪومت جي سماجي تحفظ جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ پڻ واڌو 20 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏني هئي. ان حوالي سان جاري پريس رليز ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو هو ته اي ڊي بي طرفان آڪٽوبر 2013ع ۾ منظور ڪيل سماجي تحفظ جي ترقياتي منصوبي جي ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 8 لک 55 هزار عورتن جي داخلا ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو هو ته ڄاڻايل منصوبي جي لاءِ واڌو قرض جي ذريعي رقم جي نقد منتقلي ۾ سهڪار ۽ ان سان گڏ بي آءِ ايس پي جي اداري کي مضبوط بڻائڻ بابت قدمن ۾ مدد جاري رهندي. ان کان اڳ جولاءِ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايندڙ 5 سالن دوران پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبن ۽ پروگرامن لاءِ 10 ارب ڊالرن تائين قرض جي منظوري ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *