ايشوريا راءِ پنهنجي مداحن کان مون لڪائڻ تي مجبور

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي فلم نگري جي اداڪاره ۽ اڳوڻي ملڪه حسن ايشوريا راءِ بچن جي صورت ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو بيچين رهن ٿا پر ان جو اهو عالم آهي جو هو پنهنجي مداحن کان منهن لڪائڻ تي مجبور آهي هي ڪنهن بيماري سبب نه آهي پر هو پنهنجي ايندڙ فلم ۾ جيڪو ڪردار نڀائي رهي آهي ان کي ان جي جهلڪ فلم ڏسندڙن کي پهريان ئي ڏيکارڻ کان ممانعت ڪئي آهي ڀارتي ميڊيا مطابق ايشوريا راءِ انهن ٻنهي معروف فلم ساز ڪرن جوهر جي فلم اي دل هي مشڪل جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي ان فلم ۾ ان سان انوشڪا شرما رنبير ڪپور ۽ پاڪستاني اداڪار فواد خان به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهيو آهي فلم ۾ ايشوريا راءِ منفرد ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن لاءِ ان جو خصوصي ميڪ اپ ڪيو وڃي ٿو. فلم جي هدايتڪار جو خيال آهي ته ان کي پنهنجو نئون انداز شوٽنگ جي پڄاڻي تائين مداحن کي نه ڏيکاريو وڃي ان لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته شوٽنگ دوران ڪوئي غير واسطيدار شخص اتي موجود نه هجي ۽ شوٽنگ کان بعد به ان کي وڏي وڏي ڪئمپن جي ڪوٽ ۾ ان جي آرامگاهه ۾ موڪليو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *