ايشوريا راءِ جي فرانسيسي صدر سان ملاقات، کيس فرانس جي اعليٰ سول اعزاز سان نوازيو ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا ايشوريا راءِ بچن فرانسيسي صدر فرانسسڪو هالينڊ سان ملاقات ڪئي،ملاقات ۾ آيل مهمانن کي مانجهاندو ڏنو ويو. بالي ووڊ اداڪارا فرانسيسي صدر سان ملاقات دوران ڪينز فلم فيسٽيول ۾ شامل ٿيڻ جي موقعي تي ٿيندڙ تجربن جي کيس ڄاڻ ڏني.ڀارتي ميڊيا مطابق ايشوريا راءِ بچن مانجهاندي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پهتي ته فرانسيسي صدر سندس دل جي گهرائين سان آجيان ڪئي.ان موقعي تي ايشوريا کي فلم انڊسٽري ۾ بهترين خدمتن جي مڃتا ۾  فرانس جي اعليٰ سول اعزاز“نائيٽ آف دي آرڊر آرٽس اينڊ ڪلچر” سان به نوازيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *