ايشوريا راءِ تمام سٺي انسان سان گڏ سٺي اداڪاره پڻ آهي: عرفان خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عرفان خان  جو چوڻ آهي ته ايشوريا راءِ تمام سٺي انسان سان گڏ سٺي اداڪاره پڻ آهي. سڀني هدايتڪارن جي پهرين ترجيح آهي. هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ايشوريا راءِ سان گڏ فلم ڪم ڪرڻ  کان اڳ ميڊيا ذريعي ئي ٻڌندا هئاسين، در اصل حقيقت اها آهي ته ايشوريا راءِ کي ٻين جو خيال رکڻ واري عورت ڏٺو ويو آهي. هو هر وقت ڪو نئون ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندي آهي. هو سٺي فلم لاءِ هدايتڪار سان گڏ فلم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان جي انهي ادائن جي ڪري هدايتڪارن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي. عرفان خان وڌيڪ چيو ته جذبه ۾ ڪرڻ جو بنيادي وجه اها هئي ته  ان جي ڪهاڻي ۽ ايشوريا راءِ  سان گڏ ڪم ڪرڻ جو مون کي موقعو مليو. ايشوريا راءِ سان گڏ ڪم  ڪرڻ جو تجربو ان لاءِ سٺو رهيو. واضح رهي ته جذبه فلم جي افتتاحي تقريب فرانس ۾ جاري فيسٽيول ۾ ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *