ايشان کٽر ۽ جهانوي ڪپور فلم ڌڙڪ ۾ گڏ نظر ايندا

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار ايشان کٽر ۽ جهانوي ڪپور پهريون ڀيرو باليووڊ فلم “ڌڙڪ” ۾ گڏ ڪم ڪندي نظر آيا هئا، اها جهانوي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 41

ڪپور جي پهرين ۽ ايشان کٽر جي ٻي فلم هئي، ٻنهي نه رڳو پردي تي ڪمال جي ڪيمسٽري ڏيکاري پري حقيقي زندگي ۾ به هو ٻئي سٺا دوست آهن. ايشان ۽ جهانوي جي دوستي کي پيار جو نالو به ڏنو ويو پر ٻنهي اداڪارن صاف چيو ته هو رڳو سٺو دوست آهن ۽ سندن وچ ۾ اهڙو ڪجهه ناهي. تازو ئي هڪ چيٽ شو ۾ اڀرندڙ اداڪار ايشان کٽر کان پڇيو ويو ته جهانوي جي اها ڪهڙي عادت آهي، جيڪا کيس سڀ کان گهڻي خراب لڳندي آهي؟ جواب ۾ ايشان چيو ته جهانوي مستي خور آهي، هوءَ ڄاڻندي آهي ته ڪنهن وقت ڪهڙو بٽڻ دٻائڻو آهي، ڪيترائي ڀيرا اهو ٿورو چيڙائيندڙ ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن اها صورتحال ان وقت شروع ٿي ويندي آهي، جنهن وقت ان جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ هوءَ پوءِ به ان تي ضد ڪندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *