ايس ٽي پي جو وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي هٿياربندن هٿان قتل

حيدرآباد (اين اين آءِ) ٽنڊوالهيار ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾  زخمي ٿيل سنڌ ترقي پسند پارٽي جو وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو. تفصيل موجب الطاف جسڪاڻي جي گاڏي تي ٽنڊو الهيار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب سندس گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي ۽ هو زخمي ٿي پيو. کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو جتي سندس آپريشن هلندڙ هو ته هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته الطاف جسڪاڻي جو موت سندس مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ٿيو، هوڏانهن اطلاع ملڻ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سول اسپتال حيدرآباد پهتو. ترقي پسند پارٽي جي ترجمان موجب الطاف جسڪاڻي جي شهادت واري واقعي خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ پرامن هڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته الطاف جسڪاڻي کي اڄ ٽنڊو الهيار ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *