ايس ايڇ او ۽ تپيدار ملوث نه هجنته قبضا ئي نٿا ٿي سگهن، سڀ ادارا نجي ڪاروبار ۾ مصروف آهن: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ادارن پنهنجي نالن سان سوسائٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن، اُنهن جا پرائيوٽ ڪاروبار آهن، ان کان وڏو مفاد جو ٽڪراءُ ڪهڙو آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي گادي واري شهر ۾ پوليس آرڊر تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اٽارني جنرل خالد جاويد، آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عدالت آڏو پيش ٿيا. هاٰءِ ڪورٽ چيو ته پورو سسٽم عام ماڻهو جي ڪري ويٺو آهي پر سمورا ڪم اُن جي خلاف ٿي رهيا آهن، سدائين چيو ويندو آهي ته عدليا جو دنيا ۾ ڪهڙو ريٽ ٿي ويو آهي، ڪيئن قبضا ٿين ٿا، سڀني آفيشلز کي خبر آهي، ايس ايڇ او ۽ تپيدار ملوث نه هجن  ته قبضا ئي نٿا ٿي سگهن، وفاقي سرڪار پراسڪيوشن برانچ ٺاهڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي. چيف جسٽس چيو ته وڏي ماڻهوءَ کي ڪجهه ٿئي ته پوري مشينري اتي پهچي ويندي آهي پر عام ماڻهوءَ جي لاءِ ڪجهه نٿو ڪيو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر لاچار آهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ئي آپريٽو سوسائٽي جو هيڊ آهي، ڇا گهرو وزارت جي سوسائٽي جي خلاف ڊپٽي ڪمشنر فيصلو ڪري سگهي ٿو؟ جيڪا به ججمنٽ ڏني ان کي خاني ۾ رکيو ويندو آهي، ڇو ته اها غريبن بابت هوندي آهي، هتي اسلام آباد ۾ سمورن ادارن پنهنجا پنهنجا ريئل اسٽيٽ جا ڪاروبار کولي ڇڏيا آهن، رياست جنهن کي عوام جو تحفظ ڪرڻو هوندو آهي، ان جا آرگنائزر پاڻ ڏوهن ۾ ملوث آهن، هڪ هٽي آهي، ڪو رول آف لا ناهي، ايف آءِ اي، گهرو وزارت، آءِ بي سڀني پنهنجون پنهنجون هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون آهن، قبضو ڪندڙن کي رياستي ادارن جي حفاظت حاصل آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته 60 سال اڳ جن کان زمينون ورتيون ويون، انهن کي معاوضو نه ڏنو ويو، ڪير ايندو هنن ڪمزور ماڻهن جي تحفظ لاءِ؟ اوهان آءِ بي، گهرو وزارت جي ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار کي ڪيئن ٿا جسٽيفائي justify  ڪري سگهو؟ اٽارني جنرل خالد جاويد جواب ڏنو ته آئون نٿو ڪري سگهان. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيئن ئي موٽر وي تان لهو ته وڏو بورڊ لڳل آهي، اڳ واري ٻڌڻي تي چيو ويو ته ادارن جي نالي تي هائوسنگ سوسائٽي رکڻ غير قانوني آهي، هاڻي اهو ختم ٿيڻ گهرجي، مفادن جو ٽڪراءُ ختم ٿيڻ گهرجي، اوهان مونکي ٻڌايو آءِ بي سوسائٽي جي ڪهڙي هسٽري آهي، ڇا اها قبضا گروپس ۾ملوث نه هئي؟ ڊپٽي ڪمشنر حمزا شفقات چيو ته گهرو وزارت جو هائوسنگ سوسائٽي سان ڪو واسطو ناهي، چيف جسٽس هدايت ڏني ته وڏو سنگين معاملو آهي، وزير اعظم ۽ وفاقي ڪابينا کي نوٽيس ۾ آڻيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *