ايرون فنچ پاڪستاني بالرن کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ پاڪستاني بالرن کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو.پري ميچ ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي مهمان ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ چيو ته پاڪستاني ٽيم کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏيڻ سولو نه هوندو، بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي جهڙا ورلڊ ڪلاس ڪرڪيٽر پاڪستان ٽيم جو حصو آهن، شاهين آفريدي سٺي سوئنگ ڪندو آهي، جڏهن ته حارث رئوف، حسن علي ۽ عثمان قادر به بهترين بالنگ ڪرڻ ڄاڻي ٿو.هن چيو ته اسان ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهنداسين، ايشيائي پچون بيٽنگ لاءِ گهڻي ڀاڱي سازگار هونديون آهن، تنهن ڪري ڪوشش هوندي ته سٺي ڪرڪيٽ کيڏون.سندس چوڻ هو ته ٽيسٽ سيريز کٽڻ کانپوءِ ٽيم جو مورال بلند آهي، سمٿ جي کوٽ محسوس ڪنداسين، ورلڊ ڪپ اڃا پري آهي پر هيءَ سيريز ان جي تياري لاءِ مددگار ضرور آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *